ايشيا ڪپ: ڀارت پاڪستان کي 228 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي 228 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.امام الحق 9 رنسون ٺاهي بمرا جو شڪار ٿي ويو جڏهن ته بابر اعظم 10 رنسون ٺاهي پانڊيا جي هٿان آئوٽ ٿيو.ان کان اڳ اڄ ڪولمبو ۾ ريزرو ڊي ۾ برسات بند ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ شروع ٿي ۽ ڀارتي ٽيم 25هين اوور کان راند جي شروعات ڪئي.ڪالهه برسات سبب رڳو 24.1 اوورن جي راند ٿي سگهي، جنهن ۾ ڀارت 2 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون.ڀارتي بيٽسمين ڪي ايل راهول ۽ ويرات ڪوهلي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ڀارت مقرر 50 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 356 رنسون ٺاهيون. ويرات ڪوهلي 122 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 111 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول ٽئين وڪيٽ لاءِ 233 رنسن جي ناقابل شڪست ڀائيواري قائم ڪئي.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.قومي ٽيم جو فاسٽ بالر حارث رئوف زخمي ٿيڻ سبب ميچ دوران ميدان ڇڏي ويو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فاسٽ بالر حارث رئوف انفٽ ٿي ويو آهي ان ڪري هو ڀارت خلاف ميچ ۾ بالنگ نه ڪندو.ٽيم انتظاميا موجب حارث رئوف جي پٺيءَ واري پاسي واري رٻڙ ۾ درد آهي، حارث رئوف احتياطي طور تي بالنگ نه ڪندو.ان کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽيڊيم پهچندي ئي تيز برسات شروع ٿي وئي ۽ صبح کان وقفي وقفي سان برسات سبب گرائونڊ کي بار بار ڍڪڻو پيو.ٻڌايو پيو وڃي ته اڄ ڪولمبو ۾ وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو