ايس ٽي پي پاران منشيات جي وڪري خلاف احتجاج

مانجهند ( رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند ۾ ايس ٽي پي ضلع ڄامشورو طرفان منشيات جي وڪري خلاف شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي هڪ ڪلاڪ نٽھَڻ اس َ۾ ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ۾ ايس يو پي جسقم پ پ شھيد ڀٽو سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح يونس اوٺو  مير حسن سومرو ايس يو پي جي بابل لطيف کوسو انور مڱڻھار شھيد ڀٽو جي سليمان ڀلائي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ضلع ڄامشورو ۾چرس مين پڙي گهٽڪو شراب زيڊ 21 سميت نشي آوور سوپاريون سرعام وڪرو ٿي رهيون آھن پر ڄامشورو پوليس ڪوبه تحرڪ نه وٺي سگهي آھي سرعام منشيات وڪرو ٿيڻ سبب نوجوان نسل تباه ٿي رهيو آھي نشي واپرائڻ سبب سماجي برايون پڻ وڌي ويون آھن ڪوٽڙي سيوهڻ ڀان سيدآباد ڄامشورو ٿاڻو بولا خان سن خاڻوٺ سميت ضلع جي ننڍن وڏن شھرن ۾ منشيات جو وڪرو سرعام جاري آھي هن آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ت فوري طور منشيات جو وڪرو بند ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو