ايس ٽي پي پاران سنڌي وسندين تي قبضي خلاف احتجاج

نوشھرو  فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي ) نوشھروفيروز  ۾ پريس ڪلب ٻاھريان سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ سنڌي وسندين تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ ملڪ رياض خلاف اڀ ڏاريندڙ  نعرا ھڻندي اڳواڻن جنهن ۾ اقبال راڄپر حبيب مشوري حميد پنھور ۽ ٻين چيو ته  ملڪ رياض پاران ملير ۾ قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي اھا ان جي ڪنهن به  صورت منصوبو ڪامياب ٿيڻ نه  ڏنو ويندو  ھر صورت ۾ اتان جي رھواسين سان گڏ آھيون ۽ رھنداسين اتان جا رھواسي پاڻ کي اڪيلو نه  سمجھن انهن جو تحفظ ڪنداسين ملڪ رياض ۽ ڀھريا ٽائون خلاف عيد بعد سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلائينداسين ان جا منصوبا مڪمل بند ڪرائيبا سنڌين لاء عزاب بنجي چڪو آهي  انکي ھاڻي ڪنهن به  قسم جي رعايت نه  ڏبي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته  آصف زرداري ۽ بلاول ان جا ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن اھي ڪجهه به نه  ڪندا سڄي سنڌ ملڪ رياض کي وڪڻي ڏيندا انهن جي رستا روڪ ڪبي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو