ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت، سرڪاري وڻن جي واڍي جاري

صالح پٽ (نياز مهر) روهڙي زيرو پوائنٽ کان 202 آرڊي تائين نارا ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان ايريگيش جي انجنيئر سکر، ايس ڊي او ايريگيشن، سرويئر، داروغن ۽ بيلدارن جي ملي ڀڳت سان سرڪاري وڻ ڪٽي سستي اگهه تي واپارين کي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

واپاري سري عام وڻن جي واڍي ڪن ٿا. هتان جي سڄاڻ ڌرين سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مرادعلي شاهه ۽ ايريگشن جي وزير کان مطالبو ڪندي چيو ايريگيشن جي عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سرڪاري وڻن جي واڍي بند ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو