هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مان ايران ۽ قازقستان کي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم جو ساليانو ورچوئل اجلاس ڀارت ۾ جاري آهي، جنهن کي پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف ويڊيو لنڪ تي خطاب ڪيو. سندس چوڻ آهي ته هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ٿيڻ گهرجي، رياستي دهشتگردي ۾ بيگناهه ماڻهن جو قتل انتهائي قابل مذمت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي.هن چيو ته عالمي برادري افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي اچي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ايس سي او افغانستان ڪوآرڊينيشن گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي مسئلن لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو