ايران جو پاڪستاني سرحدن ۾ حملو،ناظم طلب،احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس ايران پاران پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪندي ايراني معاملن واري وزير کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا، جنهن جي ذميواري مڪمل طور تي ايران برداشت ڪندي.پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان هميشه چيو آهي ته دهشتگردي خطي جي سمورن ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي، جنهن لاءِ گڏيل ڪارروائي جي ضرورت آهي. اهڙا هڪ طرفي عمل سٺا پاڙيسري لاڳاپن سان مطابقت نه رکندا آهن ۽ ٻه طرفي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ايران طرفان پنهنجي فضائي حدن جي بلا اشتعال ڀڃڪڙي ۽ پاڪستاني حدن تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.پرڏيهي خابرو اداري موجب پاڪستان جي فضائي حدن ۾ ايراني حملي جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا شهيد ۽ 3 ڇوڪريون زخمي ٿي پيون.پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته اها ڳالهه اڃا به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطي جا ڪيترائي چينل هجڻ باوجود هي غير قانوني عمل ٿيو آهي.پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان اڳ ئي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزارت جي لاڳاپيل اعليٰ آفيسر وٽ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.ان کان علاوه ايراني معاملن واري وزير کي به پرڏيهي وزارت طلب ڪري پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته ايراني سڪيورٽي فورسز طرفان بلوچستان ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيا ويا هئا.ايران جي سرڪاري ٽي وي نور نيوز جي خبر ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايراني سيڪيورٽي فورسز طرفان پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ جيش العدل تنظيم جي ٻن ٺڪاڻن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو