اسلام آباد (بيورو رپورٽ )ايران جو پرڏيهي وزير امير عبداللهيان ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي.اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت پهچڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري معزز مهمان جو استقبال ڪيو.ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پرڏيهي وزارت ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.
