حيدرآباد: (ن س) ايراني سپريم ليڊر خامنه اي جي شهادت تي جماعت اسلامي پاران غائبانه جنازو نماز ادا ڪئي وئي.حيدر چوڪ تي منعقد ڪيل جنازو نماز ۾ وڏي تعداد ۾ شهري شرڪت ڪئي. جنازو نماز کان پوءِ جنگ ۾ ايران جي فتح لاءِ خاص دعا گهري وئي.شرڪت ڪندڙن اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف زوردار نعرا هنيا. شرڪت ڪندڙن چيو ته هي پهريون ڀيرو هو جو اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران تي حملو ڪيو هو، جنهن جي اهي سخت مذمت ڪن ٿا.شرڪت ڪندڙن چيو ته مسلمان ملڪن کي گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل کي مناسب جواب ڏيڻ گهرجي. غائبانه جنازو نماز ۾ شيعه تنظيمن جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازو نماز ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.










