باهه سبب 15 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) نندو شهر ڀرسان ڳوٺ موليڏنو خاصخيليءَ ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 15 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا چار ٻڪريون ٻه رڍون سڙي فوت اطلاع باوجود فائر برگيڊ  عملو نه پهتو جنهن جي ڪري رھواسين عبدالرحمان، عثمان،اسماعيل  سڪندر،بصر الهڏنوحجام ،رامچندوالجي ،مگهن ٿانور ڪولهي ۽ ٻين جا گهر سڙي ويا ۽ گهرن ۾ پيل هند بسترا  اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو باهه سبب چار ٻڪريون ۽ ٻہ رڍون به سڙي مري ويون واقعي کان پوء ڊي سي آغا شاھنواز پٽاڻ اي سي يونس رند متاثر ڳوٺاڻن وٽ پھتا ۽ 5 لک ڪيش ڪينٽ مھاريون بسترا ۽ رات جي ماني ۽ سھري ڏيڻ جو اعلان  ڪيو ھن موقعي تي نندوشھر جي واپاري ۽ اي آء جي غلام نبي ميمڻ جي ڀاء حاجي عبدالستار ميمڻ پڻ ڳوٺاڻن وٽ پھچي کين 3  لک روپيا روڪ امداد ڏني ۽ چيو ته غريب ھارين جو وڏو نقصان ٿيو آھي سرندي وارن کي سندن واھر ڪرڻ گھرجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو