ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 16 پئسا واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا سستو ٿي ويو آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ آمريڪي ڊالر 16 پئسن جي واڌ سان 280 روپيا تي وڪرو ٿي رهيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا گهٽتائي سان 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 279 رپيا 84 پيسا جڏهن ته انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 277 رپيا 80 پئسا مهانگو هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به تيزي نظر اچي رهي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 433 پوائنٽن جي واڌ سان 82 هزار 238 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 81 هزار 804 پوائنٽس تي بند ٿيو.










