ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ 11 روپين جي وڏي لاٿ، ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر گذريل ڏينهن 211 روپين تي بند ٿيو هو هڪ ڌڪ سان 11 روپين جي لاٿ بعد اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هاڻي 299 روپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، انٽر بينڪ ۾ به ڊالر 285 روپين جو ٿي ويو ڪرنسي ڊيلرز موجب اسٽيٽ بينڪ پاران ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائگي لاءِ انٽربينڪ مان خريداري جي اجازت ڏيڻ سبب ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ ٿي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت هئي جيڪا ڪجهه دير کانپوءِ منفي ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 30 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 41 هزار 299 جي سطح تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 330 پوائنٽس تي بند ٿيو.
