انڊس هاءِ وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر 4 فوت 13زخمي

خانپور(زبيرگل) انڊس ھاء وي روڊ تي منگي لاڙو ڀرسان مسافر ڪوچ ء ٽرڪ م ٽڪر گاڏيون ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي م 2 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا,  13 ڄڻا زخمي، جن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ڪراچي کان پنجاب طرف ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ اوورٽيڪ ڪندي ڪلٽي ٿي پيا، مسافر ڪوچ م سوار ھڪ عورت فرحانہ ڌي نواز ڀٽي  سندس امڙ مسمات زھرہ زال نواز ڀٽي ڄام پور واسي جڏھن تہ جھانگير پٽ گل محمد ڀٽي راجن پور، محمد مجيد بگٽي ڊيرا بگٽي واسي 4 ڄڻا  فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ عمير پٽ نيڪ محمد چشتي رحيم يار خان واسي، اللہ جوايو چشتي ڊيرا غازي خان واسي،  علي محمد پٽ شاھنواز بگٽي ڊيرا بگٽي واسي، شازيہ زال عرفان چشتي راجن پور واسي، 2 ورھين جي نينگري زويا ڌي توقير ڀٽي راجن پور واسي، فضل قادر پٽ غلام اڪبر ھوت بلوچ ڄام پور واسي،  ريحانہ زال منظور حسين ٻٻر ڊيرہ غازي خان واسي،  شاھد پٽ عبدالغفور ملڪ صادق آباد واسي، شھزادو پٽ حضور بخش ڀٽي راجن پوار واسي، غلام فاطمہ زال لعل بخش ڀٽي راجن پور واسي، گلزار ولد لعل بخش ڀٽي راجن پور واسي، ٽرڪ ڊرائيور اصغر علي پٽ دلمراد سيال فيصل آباد واسي زخمين ۾ شامل آھن حادثي ٿيڻ جي نتيجي م مسافر ڪوچ م سوار عورتن توڙي ٻارڙن م ڪيھاٽ پئجي ويا اطلاع تي آس پاس ۾ بيٺل ماڻھن ۽ خانپور پوليس پھچي فوتين جا مڙھ توڙي زخمين کي اسپتال پھچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي آھي جتان 5 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آھي فوتين جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد فوتين جا لاش سندن جي وارثن جي حوالي ڪيا ويا فوتين جا وارث پھچڻ تي سندن جي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو جيڪي پنھنجي پيارن جي اوچتي وڇوڙي تي پيارن کي ساريندي رڙيون ڪندا رھيا ھوڏانھن فوتين جا لاش سندن جا وارث اباڻي شھرن ڏانھن کڻائي ويا، ٻڌايو پيو وڃي تہ ڪوچ ڊرائيور ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي، جڏھن تہ واقعي جو ڪيس وغيرہ داخل نہ ٿي سگھيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو