انڊس هاءِ وي تي حادثو، هڪ فوت، 2 زخمي

پکو (عبدالوحيد ميئو) انڊس ھاءِ وي روڊ تي لاڙڪاڻو طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار نمبر BKX265 سامھون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي  جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار قمبر واسي اصغر سومرو، نجيب الله سومرو ۽ عورت ضميران سومرو روڊ تي ڪري سخت زخمي ٿي پيا. شھرين حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس بروقت پھچي زخمين کي موبائل ۾ وجھي کنيو پئي وئي ته 45 سالا اصغر سومرو زخمن جا  تاب نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏھن ته نجيب الله سومرو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو. ٻئي طرف فوتي جو مڙھ  ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ھوڏانھن پکو پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار ۽ موٽرسائيڪل کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو