انٽر بورڊ جا آفيسر امتحاني نتيجن ۾ ٽمپرنگ ۾ ملوث

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انڪوائري ڪميٽي انٽر بورڊ امتحان ۾ شاگردن جي ناڪامي واري معاملي تي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.ڪميٽي جي ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين پروفيسر نسيم احمد ميمڻ خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي.جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته امتحاني نتيجن ۾ ٽيمپرنگ ۾ بورڊ جا آفيسر ملوث هئا.ڪميٽي انٽر بورڊ ۾ مالي بي ضابطگين جي جاچ لاءِ ناڻي کاتي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته انٽربورڊ ۾ اڪائونٽنگ جو صحيح نظام ناهي، انٽربورڊ ۾ ڊيٽا اوورليپنگ ۽ نقل ٿيڻ جو وڏو امڪان آهي، اڪائونٽنگ مينوئل سسٽم تحت ٿي رهي آهي، انٽر بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته انٽربورڊ ۾ مختلف بئنڪ اڪائونٽس آهن.انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ موجب بئنڪ اڪائونٽ کولڻ کان اڳ بورڊ آف گورنرز کان اجازت نه ورتي وئي، انٽر بورڊ خانگي ڪاليجن کان وڏيون فيسون وصول ڪري رهيا آهن. انٽر بورڊ کي صوبائي حڪومت جا صوابديدي اختيار حاصل آهن، 1972ع کان قانون ۾ ترميم ناهي ڪئي وئي، 60 سالن دوران آمدني ۽ خرچ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو