انٽرنيٽ، موبائل ڪالز ۽ ايس ايم ايس تان ٽيڪس ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته انٽرنيٽ، ايس ايم ايس ۽ موبائل فون ڪالز تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي. اهڙو اعلان هن اسلام آباد م پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته گذريل ڏينهن بجيٽ پيش ڪرڻ وقت ايس ايم ايس تي 10 پيسا ۽ ٽن منٽن کان وڌيڪ ڪال تي ٽيڪس لڳائڻ جو جيڪو اعلان ٿيو هو ان تي وزيراعظم ۽ ڪابينا مخالفت ڪئي آهي ان ڪري اهو فيصلو واپس ڪيو آهي. هن چيو ته هي گروٿ واري بجيٽ آهي، اسانجو فوڪس هارين کي مڊل مين کان بچائڻو آهي، انتطامي نا اهلي سبب هارين کي فصلن جو مناسب اگهه نٿو ملي، مڊل مين 500 ڀيرا وڌيڪ ڪمائي ٿو. هن چيو ته هارين کي بنا وياج جي هر فصل لاءِ ڏيڍ لک قرض ملندو جيئن هو ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون روڪ تي خريد ڪن، ٽريڪٽرن جي قيمت گهٽ ٿيندي، شهرن م رهندڙ في گهراڻي کي 5 لک بنا وياج ڪاروبار لاءِ قرض ملندو. مختلف وزيرن ۽ ٽيڪس عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سڀني شعبن کي رليف ملندو، اسانکي ايڪسپورٽ وڌائڻي آهي ۽ امپورٽ گهٽ ڪرڻا آهن، اڄ ڪپهه، ڪڻڪ، داليون، سورج مکي سميت بنيادي شيون ٻاهران ٿيون اچن اسين انهن جي پيداوار وڌائينداسين، مختلف شهرن ۾ ڪولڊ اسٽوريج قائم ڪنداسين، هول سيل مارڪيٽ تي فوڪس آهي ته هارين کي هول سيل اگهه ملي. هي پائيدار ترقي طرف قدم آهي جيڪو ڪامياب ٿيندو. هن چيو ته اسان وٽ ڊيٽا آهي ته جيڪي فارين ٽريول ڪن ٿا، 8 کان 10 هزار جي بجلي ۽ گيس جا بل ڀرن ٿا پر ٽيڪس نٿا ڏين. شوڪت ترين چيو ته اسين هر مهيني هڪ ارب انعام ڏينداسين، صارف خريداري جي دوڪاندار کان پڪي رسيد وٺندو ۽ انهن رسيدن تي قرعه اندازي ذريعي انعام ڏينداسين. ماڻهو پاڻ دوڪاندار کان رسيد وٺندا. هن چيو ته اسين ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪنداسين، 3 لک نوان تيڪس ڏيندڙ آيا آهن اسين اهو تعداد 10 لک تائين کڻي وينداسين، ٽيڪس بيس وڌندو ته ٽيڪس وصولي به وڌندي. هڪ سوال تي هن چيو ته آءِ ايم ايف وارا چون ٿا ته ٽيڪس ريٽ ۽ بجلي جا اگهه وڌايو، اسين چئون ٿا ته ريٽ وڌائڻ سان خرابي ٿئي ٿي اسين بيس وڌائينداسين، لائين لاسز گهٽ ڪنداسين، صارف وڌائينداسين ۽ انڪم وڌندي. هن چيو ته گهر خريد ڪرڻ يا اڏڻ لاءِ حڪومت آسان شرطن تي 20 لک قرض ڏيندي. هن چيو ته اسين خام مال تي ڊيوٽي گهت ڪنداسين جيئن مقامي صنعت ترقي ڪري. هر گهر مان هڪ شخص کي فني تربيت ڏينداسين جيئن هو روزگار ڪري سگهي. خسرو بختيار ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 1500 ايڪڙن تي مشتمل انڊسٽريل زون قائم ڪري رهيا آهيون. ثانيا نشتر چيو ته 65 هزار اسڪالر شپ ڏينداسين. هن چيو ته احساس پروگرام هيٺ يوٽيلٽي اسٽورز تان سبسڊي راشن ڪارڊ جاري ڪنداسين. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته اسين ٽيڪنالوجي جي مدد سان ٽيڪس ڏيندڙن کي ايتري سهولت ڏني آهي ته هو گهر ويٺي موبائيل تان ريٽرن فائيل ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو