اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم طور نامزد ڪيو ويو جنهن جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ليفٽ ونگ جي شاگرد سياست کان رائيٽ ونگ جي عملي سياست جو سفر ڪندڙ انوار الهق کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ملي ويو آهي هو 14 آگسٽ تي حلف کڻندو، تيستائين شهباز شريف وزيراعظم رهندو. شهباز شريف وزيراعظم هائوس خالي ڪري ڇڏيو آهي پر 13 آگسٽ تي هنکي گارڊ آف آنر ڏنو ويندو.سياست بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم لاءِ اڄ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ مشاورت ٿي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف لاهور روانو ٿي ويو، سندس پهرين گهرواري نصرت شهباز اسپتال داخل آهي، سندس طبيعت ڪافي ڏينهن کان خراب آهي. وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر راجا رياض تصديق ڪئي ته سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻايو ويو آهي. راجا رياض چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ هن انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ وزيراعظم ان فيصلي تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿيڻ بعد سمري تي صحيح ڪندي سفارش صدر ڏانهن موڪلي وئي آهي.وزيراعظم آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف مشاورتي عمل ۾ سهڪار تي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وزيراعظم 16 مهينن ۾ اپوزيشن جي بهترين اڳواڻي ڪرڻ تي پڻ شڪريو ادا ڪيو.
صدر انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران وزيراعظم طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ايوان صدر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي نگران وزيراعظم کي موڪليل سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.ترجمان موجب صدر انور حق ڪاڪڙ کي آئين جي آرٽيڪل 224 اي جي تحت نگران وزيراعظم بڻائڻ جي منظوري ڏني آهي.
انوار الحق ڪاڪڙ ڪير آهي؟
سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جو تعلق بلوچستان جي ضلعي ڪڪڙ سان آهي، هن ابتدائي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي، جنهن بعد اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو، هن بلوچستان يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۽ سوشيالاجي ۾ ماسٽرس ڪئي. 2008ع ۾ سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ (ق) ليگ کٽي ڪوٽ پرڪوٽا مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي، جنهن ۾ هو ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ 2013 ۾ بلوچستان حڪومت جو ترجمان هو جڏهن ته هن بلوچستان عوامي پارٽي جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ 2018ع ۾ سينيٽر چونڊجي ويو ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آف اوورسيز پاڪستانيز جو چيئرمين آهي.