ڪراچي ( رپورٽر ) ملير لنڪ روڊ تي قائم ميگا ٽينٽ سٽي جي سوين برسات متاثرين جو انتظاميا پاران سهولتون واپس وٺڻ ۽ کاڌ خوراڪ واپس وٺڻ خلاف ٽينٽ سٽي کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ملير ضلعي انتظاميا سهولتون ڏيڻ بجاءِ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ اسان کي ٽينٽ سٽي خالي ڪرڻ لاءِ دٻا ۽ تمام سهولتون واپس وٺڻ سان گڏ حراسان ڪري رهي آهي، متاثرين ڊي سي ملير فلاحي ۽ اين جي او تنظمين کي کاڌ خوارڪ نه ڏيڻ جون ھداتيون پڻ ڏنيون آھن رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ اسان جا معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، عورتون، نوجوان، بزرگ سنڌ حڪومت سميت ضلعي ملير انتظاميا سار نه لڌي آهي، اسين ڪتيرن مينھن کان ميڊيڪل بجلي پاڻي کان محروم آھن ملير خود اسان کي ھتي رھڻ لا۽ چيو پر اسان کان ٽينٽ خالي ڪرائڻ لا۽ دٻا۽ وجھي رھي آھي ۽ حراسان ڪري رات جو ڪئمپ ٻاھريان فائرنگ ڪرائي ٿي خوف ڪري سڄي رات چوڪيدار وانگر پھرو ڏيڻو پوي ٿو اسين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪيو ٿا ته ڊي سي ملير کي ھٽايو وڃي ۽ اسان کي سھولتيون واپس ڏنيون وڃن جيڪو توھان ٻوڏ متاثرين سان وعدو ڪيو ھيو
