امدادي سامان ۾ گهپلو، يونين چيئرمين ۽ دڪاندار جي ملي ڀڳت

سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ) يونين ڪائونسل ٺٽ ۾ سولر پليٽن، نلڪن ۽ سلائي مشينن  ورهائڻ ۾ لکين روپين جي مبينه ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. يونين ۾ جيڪو به امدادي سامان ورهايو ويندو آهي ان جو جنرل پرويز مشرف جي دور کان وٺي هڪ ئي من پسند  ٺيڪيدار آهي، جيڪو دڪاندار به آهي. متعلقه دڪاندار ۽ يوسي چيئرمين، ڪائونسلر سان  ملي ڀڳت ڪري لکين روپين جو غير معياري ۽ هلڪي ڪولٽي جا نلڪا ۽ سلائي مشينون  سپلاءِ ڪن ٿا. نلڪي جو سرڪاري بل 7000 هزار آهن ۽ جيڪڏهن ڪو شخص نلڪو نٿو کڻي ته انهي کي ڪيش 4000 هزار روپيه ڏنا وڃن ٿا. اهڙي طرح سلائي مشين جي قيمت 7000 هزار واپسي 2500 روپيه، سولر پليٽ قيمت 6500  واپسي ڪيش 4000 آهي. سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر ولي محمد لاکو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کان جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو