اليڪشن ڪميشن: ڪراچي جو ڊپٽي ميئر نا اهل قرار

اسلام آباد(پ ر) پاڪستان اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهره کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ارشد وهرو ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي چونڊجڻ بعد پي ايس پي ۾ شامل ٿيو هو پر ڊپٽي ميئر جي عهدي تان مستعفي نه ٿيو هو. ايم ڪيو ايم سندس نا اهلي لاء اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ياد رهي ته ارشد وهره مڪاني چونڊن دوران ڪراچي جي سينٽرل ضلعي جي يوسي 49 تان چيئرمين چونڊجي آيو هو، جنهن بعد کيس ايم ڪيو ايم طرفان ڊپٽي ميئر نامزد ڪيو ويو هو ۽ هو ڪامياب ٿي ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو