اليڪشن ڪميشن، وزيراعظم خلاف نا اهلي جي ڪاروائي نه ڪري

اليڪشن ڪميشن، وزيراعظم خلاف نا اهلي جي ڪاروائي نه ڪري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي وزيراعظم عمران خان خلاف حتمي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن جي لاڳو ڪيل ڏنڊ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي غير جانبدار نٿو رهي سگهي، اليڪشن ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته هو ڪنهن سرڪاري اسڪيم جو اعلان نه ڪري سگهي. بئريسٽر خالد جاويد خان چيو ته رياست جي سربراهه کي روڪي سگهجي ٿو پر حڪومت جي سربراهه کي نٿو روڪي سگهجي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته وزيراعظم خلاف ڪو به حتمي فيصلو نه ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي محسوس ڪري ته نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن نوٽيس تي وزيراعظم کي ڏنڊ ۽ نااهل نه ڪندي.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان تي نوٽيس باوجود ريلي ڪرڻ تي ٽي ڀيرا ڏنڊ لاڳو ڪيو هو، جنهن خلاف وفاقي وزير اسد عمر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو