اليڪشن ٽريبونل واوڊا جا نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ٽريبونل، پي ٽي آءِ جَي سينيٽ اميدوار فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، فيصل واوڊا کي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جِي اجازت ڏني وئي آهي، پيپلز پارٽي جَي قادر خان مندوخيل فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي، اليڪشن ٽريبونل اپيل رد ڪندي فيصل واوڊا بابت رٽرننگ آفيسر جو فيصلو درست قرار ڏنو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نون ليگ اڳواڻ پرويز رشيد جي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو