ڏيپلو (ن س) المھراڻ فرسٽ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو جنهن جو فائنل امر منيش ڪرڪيٽ ڪلب مٺي پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٽورنامينٽ ۾ ٿرپارڪر جي 16 ٽيمن حصو ورتو جنهن مان آخر ۾ امر منيش ڪرڪيٽ ڪلب مٺي ۽ ڪارونجهر ڪرڪيٽ ڪلب مٺي وچ ۾ فائنل کيڏيو ويو. ڪارونجهر ڪرڪيٽ ڪلب پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 6 اورن ۾ 37 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو امر منيش 2.1 اور ۾ پورو ڪري فائنل کٽي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٽورنامينٽ فداحسين ڪلر، فرحان بجير، افنان بجير، ڀليڏنو ڪلر، ڪريمڏنو ڪلر، راڻا اسلم ڪلر، اويناش گدواڻي ۽ عباس ڪلر آرگنائيز ڪيو.










