اقبال بانو کي گوگل جو خراج، ڊوڊل سندس نالي سان منسوب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نامور ڪلاسيڪل گلوڪاره اقبال بانو جي 81 هين سالگره جي موقعي ته کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي سرچ انجڻ جو ڊودل تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اقبال بانو ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل اردو ۽ فارسي غزل ڳائڻ سبب شهرت حاصل ڪئي. اقبال بانو 28 ڊسمبر 1935 ۾ دهلي ۾ پيدا ٿي ۽ ننڍي عمر کان ئي ڳائڻ جو شوق هئس. هن استاد چاند خان کان موسيقي جي تربيت حاصل ڪئي. پاڪستان ٺهڻ بعد هو لاهور آئي ۽ 1950 کان ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ فلمي گيت به ڳايا.

هن کي 1974 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي مليو. ضياءَ الحق مٿس انقلابي گيت ڳائڻ تي پابندي هنئين جيڪا هن رد ڪري ڇڏي ۽ 1985 ۾ فيض احمد فيض جو ڪلام “لازم هي ڪه هم بهي ديکهين گي” ڳايو ته بيحد مقبول ٿيو. هوءَ 74 سالن جي عمر ۾ اپريل 2009 ۾ وفات ڪري وئي. ياد رهي ته گوگل ان کان اڳ نصرت فتح علي خان، عبدالستار ايڌي، وحيد مراد، نورجهان، نازيه حسن، فاطمه ثريا بجيا ۽ ٻين کي به خراج پيش ڪندي پنهنجي سرچ انجڻ جو ڊودل سندس نالن سان منسوب ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو