افغان مفاهمتي عمل بابت زلمي خليل زاد جي آرمي چيف سان ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)افغانستان جي مفاهمتي عمل ۽ تعمير نو بابت خصوصي ايلچي زلمي خليلزاد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي.فوجي ترجمان موجب خطي جو صورتحال خاص ڪري افغانستان جي صورتحال جي تناظر ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ آمريڪا جو سفير پال جونز به موجود هو. ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف افغان سرحد تي ڪنديدار تار لڳائڻ دوران سرحد پار مان ٿيندڙ فائرنگ جي واقعن ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستاني سيڪورٽي فورسز جي جوانن ۽ آفيسرن جي شهادت تي ڳڻتي طاهر ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو