افغان تحفظات سبب اڄ طالبان سان ملاقات ملتوي، ڀارتي جنگ جو خطرو ٽريو ناهي:عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان جي حڪومت پاران تحفظات جي ڪري اڄ طالبان جي وفد سان ملاقات ملتوي ڪري ڇڏي اٿم. هن چيو ته ڀارتي حملي جوخطرو ٽريو ناهي، مودي ڪنهن وقت به حادثو (مس ايڊوينچر) ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن به اهڙي حادثي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن سومر تي رات دير تائين جاري رهندڙ سينئر صحافين سان ڪيل ملاقات ۾ سندن مختلف سوالن جواب ڏيندي ڪيو. هن طالبان جي ملاقات جا وڌيڪ تفصيل نه ڏنا ته ڪهڙن ليڊرن سان سندس ملاقات طئي هئي. نوازشريف جي خراب صحت بابت سوال تي هن چيو ته ڪو اهڙو قانون ناهي جو کيس پرڏيهه علاج جي اجازت ڏجي، هو بليڪ ميل ٿو ڪري. عمران خان چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو پرهڪ اسپتال به اهڙي نه ٺاهي سگهيوجنهن ۾ هو پاڻ علاج ڪرائي سگهي، هن رڳو هڪ مان 30 فيڪٽريون ٺاهي ڏيکاريون. پيپلز پارٽي بابت سوال تي هن چيو ته ماضي ۾ جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري نيب کان ڊنل آهي. هن چيو ته ايان علي ۽ بلاول جون ٽڪيٽون به جعلي اڪائونٽس مان خريد ڪيون ويون. هن چيو ته ڦر لٽ ڪنڙن کي اين آر او نه ملند، اپوزيشن احتجاج ڪرڻ گهري ٿي ته ڪنٽينر ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. عمران خان چيو ته ڪراچي جي سمنڊ مان تيل جا تمام وڏا ذخيرا ملڻ وارا آهن جنهن سان ملڪي تيل جي ضرورت پوري ٿي ويندي ۽ ساليانو ٻارنهن ارب ڊالر جيڪي تيل درآمد ڪرڻ تي خرچ ڪريون ٿا، اها رقم بچي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو