ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان حڪومت سپريم ليڊر ملا حيبت الله اخوندزاده جي3 منطوري بعد 35 نڪاتي اسلامي شرعي ڪوڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن کي گناهن کان روڪڻ لاءِ جاري ڪيل ڪوڊ موجب عورتون منهن سميت جسم لڪائڻ وارا برقعا پائينديون، ڪنهن مرد کانسواءِ سفر نه ڪنديون، هر مرد تي لازم آهي ته _اڙهي رکي، ڏاڙهي ڪوڙائڻ تي پابندي هوندي، پنج وقت نماز پڙهڻ ۽ روزا رکڻ سڀني مردن ۽ عورتن لاءِ لازمي هوندو. پبلڪ يا پرائيويٽ گاڏين ۾ موسيقي هلائڻ تي پابندي هوندي. اخلاقيات بابت وزارت جو چوڻ آهي ته سيڪورٽي فورسز ۾ ڏاڙهي نه هئڻ سبب 280 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ 13 هزار کان مٿي ماڻهن کي هن ڪوڊ مطابق سزا ڏني وئي آهي. جيڪا ٻن ڪلاڪن جي حراست کان 3 ڏينهن جي قيد جي سزا شامل آهي. جيڪو هدايتن تي عمل نه ڪندو ۽ چتاءُ ملڻ بعد به خلاف ورزي ڪنديو ان خلاف شرعي عدالت ۾ ڪيس هلندو ۽ جوابدار جي ملڪيت ضبط ڪرڻ کان قيد جون کين سزائون ملنديون. طالبان ترجمان جو چوڻ آهي ته 35 نڪاتي ڪوڊ جون ڪافي شقون 2021 کان لاڳو هيون پر هاڻي باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري انهن کي لاڳو ڪيو ويو آهي. طالبان جي حڪومت کي سعودي عرب ۽ پاڪستان شروع کان تسليم ڪيو هو ۽ هاڻي گڏيل عرب امارتن به طالبان جي سفير جا دستاويز قبول ڪري کين تسليم ڪيو آهي. يو اَي اِي جي پاڪستان سميت دنيا جا ايئرپورٽ ٺيڪي تي کنندڙ ڪمپني جِي اَي اَي سي، افغانستان جا هوائي اڏا سنڀالڻ تي اتفاق ڪيو آهي. افغانستان جي وزيراعظم حسن آخوند امارات جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جتي گذريل هفتي يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سندس عيادت ڪئي هئي. جون ۾ شيخ محمد افغانستان جي گهرو وزير سراج الدين حقاني جي ميزباني ڪندي ساڻس ملاقات ڪئي هئي. سراج حقاني آمريڪا کي گهربل ماڻهڻ جي لسٽ ۾ شامل آهي ۽ سندس گرفتاري تي هڪ ڪروڙ ڊالر جو انعام به رکيل آهي. ياد رهي ته طالبان عورتن جي تعليم تي پابندي مڙهي آهي، ڇوڪرين جا اسڪول ۽ يونيورسٽيون بند آهن.










