اعظم خان پريڪٽس دوران زخمي، اسپتال داخل

گيانا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ جي مڊل آرڊر بيٽسمين اعظم خان ٽريننگ دوران مٿي ۾ بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي جنهن ڪري ٻئي ۽ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ هو نه کيڏي سگهندو.  اعظم خان جيڪو اڳوڻي وڪٽ ڪيپر بيٽسمين معين خان جو پٽ آهي تنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جتي سندس سي ٽي اسڪين ڪئي وئي آهي ۽ نيورو سرجن کيس 24 ڪلاڪ اسپتال ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو