اصغر خان ڪيس جو مک ڪردار يونس حبيب ڪينسر سبب فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مهراڻ بينڪ جو باني ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ اصغر خان ڪيس جو اهم ڪردار يونس حبيب لاڏاڻو ڪري ويو. يونس حبيب ڪافي عرصي کان بيمار هو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو. ٻه هفتا اڳ کيس ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي اڄ وفات ڪري ويو.  78 سالن جي عمر واري يونس حبيب جي پٽ طارق والد جي فوتگي جي تصديق ڪندي چيو ته يونس حبيب ڪينسر جي بيماري سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو. آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل اسد دراني چيو هو ته تڏهوڪي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ جي هدايت تي ميان نواز شريف سميت مختلف سيستدانن ۾ پيپلز پارٽي کي هارائڻ لاءِ ڪروڙين روپيا ڏنا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو