اسڪول گاڏين ۾ سلينڊر بابت قانون سازي ڪريو، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪول وينز ۾ سي اين جي سلينڊر جي استعمال خلاف داخل درخواست تي سنڌ حڪومت کي قانونسازي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه اسڪول وينز ۾ سي اين جي سلينڊر جي استعمال خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سي اين جي سلينڊر گاڏين جي ڇت تي لڳايا وڃن ٿا. ٻڌڻي جي موقعي تي سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سي اين جي سلينڊر جي استعمال خلاف اٿارٽي جوڙي وئي آهي جنهن جي منظوري لاءِ سمري سنڌ ڪابينه ۾ پيش ڪئي ويندي. ڪابينا جي  گڏجاڻي ايندڙ  ڪجهه  ڏينهن ۾ ٿيندي،  عدالت درخواستگذار کي پنهنجون تجويزون سنڌ حڪومت وٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي سنڌ حڪومت کي ان ڏس ۾ قانوني سازي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

پهنجو تبصرو موڪليو