اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردن جو احتجاج

لکي غلام شاھ ( نثار منگي) وزير آباد ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي بلڊنگ انتهائي خطرناڪ زبون حالت جو شڪار، جنهن جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد ۽ استاد زخمي ٿيڻ کان بچي ويا . استادن جو چوڻ آهي ته هي بلڊنگ 1986 ۾ ٺهي هئي جنهن کانپوءِ هن جي ڪنهن به قسم جي هن وقت تائين مرمت نه ٿي آهي، اسان پنهنجي ضلعي انتظاميه توڙي مٿي لکي ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر پوءِ به ڪو ٻڌڻ وارو نه آهي. خوف سبب ٻار اسڪول ۾ پڙهڻ تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن.ڇَتِ ڏانهن  نظر وڌيڪ رکن ٿا ته شايد ڇت جا چاپڙ اسان جي مٿان ڪري نه پوندا، انهيءَ ڪري شاگردن جي تعليم ڏاڍي متاثر ٿي رھي آھي.

گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي سينيئر استاد نظير حسين منگي سنڌيار سان ڳالھائيندي چيو ته خوش قسمت آهيون جو ڪلاس جا شاگرد پٺين ڊيسڪن تي ويٺا هئا ته اوچتو  ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، هي بلڊنگ ختم ٿي چڪي آهي ھي بلڊنگ ختم ڪري نئي بلڊنگ ڏني وڃي ته جيئن شاگردن جون حياتيون محفوظ ٿي سگهن. سينئر استاد غلام نبي سومرو  ٻڌايو ته بلڊنگ ڊپارٽمينٽ پنهنجي جان ڇڏائڻ جي لاءِ ليٽر موڪليو ته هي بلڊنگ ختم آهي ۽ شاگردن کي ٻي هنڌ منتقل ڪيو، اسان وٽ ٻي ڪا بلڊنگ نه آهي. استادن وڌيڪ ٻڌايو ته تڪ جي ايم پي اي محمد شهريار خان مهر بلڊنگ ڊپارٽمينٽ وارن کي گهرائي ڏيکاريو به هو ته بلڊنگ ختم آهي پر هن وقت تائين ڪو کڙ تيل نه نڪتو. شاگردن اسڪول ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي مطالبو ڪيو ته اسان کي اسڪول جي بلڊنگ نئين ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو