10 فوجي جوانن سميت حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 27 ٿي ويو

چلاس(ويب ڊيسڪ)اسڪردوکان راولپنڊي ويندڙ مسافرڪوچ گٽي داس لڳ پهاڙ سان ٽڪرائجڻ سبب 27 ماڻهو فوت جڏهن 14 ٻيا مسافر زخمي ٿي پيا آهن. حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ ٻار، عورتون ۽ 10 فوجي جوان به شامل آهن. حادثو هڪ ڇکي جاءِ تي پيش آيو جتان زخمين کي آرمي هيليڪاپٽر ذريعي گلگت جي فوجي اسپتال پهچايو ويو. گلگت بلتستان جي حڪومتي ترجمان فيض الله فراق ميڊيا کي ٻڌايو ته موقعي تي 26 مسافر فوت ٿيا ۽ 15 زخمي هئا، جن مان 7 زخمي بالاڪوٽ منتقل ڪيا ويا جن مان هڪ زخمي واجد علي جيڪو مردان جو آهي، فوت ٿي ويو جنهن سان فوتين جو انگ 27 ٿي ويو. ترجمان موجب مسافر ڪوچ بابوسَر ٽاپ ويجهو موڙ ڪٽيندي پهاڙ سان ٽڪرائجي وئي. فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي چلاس اسپتال پهچايو ويو. زخمين مان 6 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي گلگت جي فوجي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايوويو آهي ته امدادي ۽ بحالي جي ڪم ۾ فوجي ٽيمون مصروف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو