اسٽيپ فائونڊيش جو نئون يونٽ قائم ۽ امداد تقسيم

اسٽيپ فائونڊيش جو نئون يونٽ قائم ۽ امداد تقسيم

ڳڙھي ياسين/ نئون ديرو (نمائندن وٽان)اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن سان انيڪ مسئلا آهن. اهڙو اظهار هن سماجي اڳواڻ دلشاد احمد ڀٽي پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ شھرين صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري عورتن جي زبردست شادي ڪرائڻ سميت غريب ۽ بي پھچ نياڻين جي تعليم سميت ٻيا به ڪيترائي مسئلا آھن جن تي اسٽيپ فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان مسئلا حل ڪري رھيا آھيون. هن چيو ته سياستدانن ۽ وڏيرن پاران پنھنجون اوطاقون آباد ڪرڻ خاطر اسان جي سنڌ اندر تعليم جو معيار ھٿ سان خراب ڪيو ويو آھي جنھن جا ذميوار حد جا چونڊيل نمائيندا ۽ تعليم کاتي جا سياسي سفارش تي مقرر ٿيل اعليٰ عملدار آھن. ھن چيو ته تعليم ،صحت ۽ امن امان اسان جا بنيادي حق آھن پر مون پوري سنڌ اندر دورا ڪيا آھن سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اھي دانھون ٻڌيون آھن ته اسان وٽ نه صحت جا سٺا مرڪز آھن نه تعليمي معيار بھتر آھي ۽ نه ئي امن امان ڪٿي نظر پيو اچي جيڪڏھن اسان جا اھي بنيادي مسئلا ئي حل نه ٿا ٿي سگھن ته اھو اسان جي چونڊيل نمائندن جو فرض آھي ته اسان کي اھي سڀ سھولتون فراھم ڪيون وڃن ھن چيو ته اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت غريب ۽ مسڪين نياڻين جون اجتمائي شاديون ڪرائي چڪا آھيون اسان جو مقصد ئي خلق جي خدمت ڪرڻ آھي ڳڙھي ياسين ۾ به پنھنجو يونٽ کولي رھيا آھيون ھتان جي ماڻھن جي به مدد ڪئي ويندي پر اوھان جي ساٿ جي ضرورت آھي ھن چيو ته ڳڙھي ياسين شھر ۽ تعلقي جي ڪافي بنيادي مسئلن بابت آگاھي ڏني وئي آھي جنھن لاءِ پھرين مرحلي ۾ اسان پيش ايندڙ مسئلن بابت لکت ڪندا سين اگر مسئلا حل نه ٿيا ته ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڻڪايو ويندو ڊي اي او اسپورٽ شڪارپور اعجاز احمد کوکر چيوته ڳڙھي ياسين تعلقي ۾ اسپورٽ گرائونڊ جي سخت ضرورت آھي اسان کي گھرجي ته پنھنجي ٻارڙن ۽ نوجوانن کي راندين طرف آڻيون. تقريب کي دلشاد احمد ڀٽي، شفيق احمد مھر . پريس ڪلب جي صدر آغا فائق خان پٺاڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو ٻئي طرف اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ پريس ڪلب پھچي نئين چونڊيل باڊي جي صدر فائق خان پٺاڻ نائب صدر زبير شيخ ،جنرل سيڪريٽري عبدالوحيد ڀٽو  ڊپٽي جنرل سيڪريٽري اظھر علي ميراڻي فنانس سيڪريٽري ۽ رانا خليل راجپوت ۽ آفيس سيڪريٽري قادرداد مھر  کي مبارڪ آباد پيش ڪري گلن جا ھار پارايا. ***** نئون ديرو شھر ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي نوجوان سماجي ورڪرن اخوت فائونڊيشن ۽ يوٿ فائونڊيشن سهڪار سان 100 کان وڌيڪ  غريبن  مسڪينن ۽ مستحق ماڻهن ۾ ڪپڙا تقسيم ڪيا. ان موقعي تي اخوت فائونڊيشن لاڙڪاڻو ضلعي جي ڪوارڊينٽر خدا بخش ڪنگو، طارق حسين، پ پ اڳواڻ دليپ ڪمار سميت محمد عيسي’ جتوئي، ڪامران جوکيو،  ساجد کھڙو، حسنين منگي، سڌير ميراڻي،  آفتاب سولنگي ۽ ٻين ڳاکهائيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته غريب ماڻهن جي مختلف طريقن سان امداد ڪري انهن کي ڪپڙا، کاڌ خوراڪ سميت صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ غريبن جي مدد ڪريون ته جيئن اهي احساس محرومين جو شڪار نه ٿين. اڄ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ويتر ڪورونا وائرس ۾ لاڪ ڊائون سبب پورهيت ۽ غريب طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو