اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪاروباري خابرو گروپ بلوم برگ چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ گذريال 7 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. پرڏيهي سيرپڪارن 6 ڪروڙ 40 لک ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي جيڪا 2014 بعد وڏي ۾ وڏي پرڏيهي سيرپڪاري آهي. فيبروري 2020 ۾ ايف اي ٽي ايف نظر ثاني بعد پاڪستان بليڪ لسٽ کان بچي ويو ته اها اڃا وڌي سگهي ٿي. هن سال آگسٽ ۾ پاڪستان استاڪ مارڪيٽ ڪريش ڪري ويو هو ۽ 5 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي برطانيا جي ٻن مشهور ڪمپنين به پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. جنهن جو هڪ سبب مني لانڊرنگ جي روڪٿام ٻڌايو وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو