اسلام ڪوٽ ۾ برسات لاءِ نماز استسقا ادا ڪئي وئي

اسلام ڪوٽ(ن س) برسات نه پوڻ سبب سوڪهڙي جي ڪري جتي ماڻهو پريشان آهن اتي مال به سخت متاثر ٿيو آهي. اسلام ڪوٽ جي شهرين آچر تي الله کي بارش لاءِ ٻاڏائڻ لاءِ اسلامي روايت موجب مينھن جي نمازجنهن کي نماز استسقا به چوندا آهن، اها پڙهي وئي. شاھ عبدالطيف ھائر سيڪنڊري اسڪول جي گرائونڊ ۾ صبح ٿيل نماز ۾ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ٻاجھاري رب اڳيان ٿرپارڪر سميت سموري سنڌ ۾ خير جون برساتون وسائڻ لاءِ دعا گھري. ان موقعي تي نوجوانن چندو ڪري خيرات جي لاءِ ڀت جون ديڳيون لاھي مختلف پاڙن ۾ ۽ ننڍن ٻارن ۾ تقسيم ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو