”اسلاموفوبيا“ پاڪستان، ترڪيءَ ۽ ملائيشيا گڏيل چينل آڻڻ تي متفق

نيويارڪ (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان، ترڪيءَ ۽ ملائيشيا اسلام خلاف منفي پروپيگنڊه جي ازالي خاطر انگريزي زبان ۾ عالمگير سطح وارو ٽي وي چينل آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته ”منهنجي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ملاقات ٿي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٽئي ملڪ گڏجي اهڙو انگريزي چينل شروع ڪندا جيڪو ”اسلاموفوبيا“ جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ ۽ اسانجي عظيم مذهب اسلام جي حقيقي تشخص کي چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو رهندو“. وزيراعظم عمران خان اهو پڻ چيو آهي ته چينل وسيلي اهڙين سمورين غلط فهمين جيڪي ماڻهن کي اسلام خلاف ڪٺو ڪن ٿيون انهن جو ازالو ڪيو ويندو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهتل آهي. جتي هن مهاتير ۽ اردوان سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقتون ڪيون آهن. جڏهن اسلام جي تشخص کي بهتر ڪرڻ جي حوالي کان ترڪ صدر ۽ پاڪستاني وزيراعظم هڪ تقريب ۾ گڏيل طور تي شرڪت ڪئي.   

پهنجو تبصرو موڪليو