اسرائيل پاران غزه جي وڏي اسپتال کي جلد خالي ڪرڻ جي ڌمڪي

تل ايب (ويب ڊيسڪ)اسرائيل طرفان غزه تي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي ۽ تازو ئي غزه ۾ ترڪي جي اسپتال بمباري سبب تباهه ٿي وئي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪجهه ڏينهن اڳ صهيوني فوج جي اسپتال تي تازي حملي ۾ 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا، جنهن کانپوءِ غزه ۾ ترڪي جي اسپتال تي هڪ ڀيرو ٻيهر بمباري ڪئي وئي هئي.ايترو ئي نه پر اسرائيل غزه جي ٻئين وڏي القدس اسپتال کي فوري طور خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي ٻئي وڏي القدس اسپتال کي نشانو بڻائڻ جو خطرو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسپتال جي ڀرپاسي ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب اٿندڙ بارود ۽ دونهين سبب زخمين ۽ پناهه وٺندڙن جو دم ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. غزه جي القدس اسپتال ۾ 14 هزار ماڻهو موجود آهن، ڪوريڊور ٻارن ۽ عورتن سان ڀريل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه حڪومت جو چوڻ آهي ته غزه تي 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جارحيت ۾ 47 مسجدون ۽ 7 گرجا گهر تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته اسرائيلي فوج 203 اسڪول ۽ 80 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسون تباهه ڪيون.گڏيل قومن جي امدادي اداري جو چوڻ آهي ته امدادي سامان کڻي ويندڙ 33 ٽرڪون، جن ۾ پاڻي، کاڌو ۽ طبي سامان شامل آهي، آچر تي رفح ذريعي غزه ۾ داخل ٿيا، جيڪو 21 آڪٽوبر کان غزه ڏانهن امداد جو سڀ کان وڏو وهڪرو آهي.رپورٽن مطابق قابض ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ ٽن هفتن دوران 112 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.سيو دي چلڊرن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 4 سالن ۾ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ تڪرارن ۾ مارجي ويل ٻارن کان وڌيڪ آهي.غزه ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارن جو انگ 2019ع کان عالمي تڪرارن ۾ مارجي ويل ٻارن کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو