اسرائيلي بمباري ۾ 9 هزار 200 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)27 ڏينهن جي بمباري کانپوءِ غزه شهر کي ٽينڪن سان گهيرو ڪيو ويو آهي، اسرائيل ان کي هر طرف کان گھيري ورتو آهي ۽ فلسطينين جو قتل عام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسرائيلي جهازن جي بمباري پڻ جاري آهي، جنهن سبب شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار 200 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 هزار فلسطيني زخمي ٿيا آهن.جبليا ڪيمپ تي ٻئي حملي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ البريج ريفيوجي ڪيمپ تي بمباري سبب 29 فلسطيني شهيد ٿي ويا، بمباري ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ رهائشي عمارت تي به حملو ڪيو ويو.غزه جي واحد ڪينسر اسپتال ۾ علاج بند ٿيڻ سبب چار مريض سڙي فوت ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو