تل ايب (ويب ڊيسڪ)اسرائيل جي اطلاعات واري وزير گليت ڊسٽل اوچتو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.پرڏيهي ميڊيا موجب هن اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حزب الله کي سمارٽ قرار ڏيڻ واري بيان تي به تنقيد ڪئي آهي.گليٽ ڊسٽل جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر جو اهڙو بيان شرم جوڳو آهي، ٽرمپ جو بيان پروپيگنڊا آهي جنهن سان اسرائيلين جي عزم کي نقصان پهتو.ٻئي طرف اسرائيلي ميڊيا افراتفري ۽ حماس کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي پنهنجي ئي حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي صدر کي به خبر ناهي ته حماس ۽ غزه بابت ڪو منصوبو آهي يا نه.
