ناڻي واري وزارت ڇڏڻ جو اعلان، ٻيو عهدو قبولڻ کان معذرت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزيراسد عمرمعيشت ۾ بهتري نه اچڻ بابت تنقيد کان پوءِ 8 مهينن بعد وزارت ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيوآهي. اهڙو اعلان هن ٽوئٽرتي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان کيس هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن جو اظهارهن ٽوئيٽ ۾ به ڪيو آهي ته عمران خان جي خواهش هئي ته آئون ناڻي واري وزارت کي ڇڏي توانائي جي وزارت سنڀاليان پر مون کائنس معذرت ڪئي.هن چيو ته مان عمران خان کي پاڪستان جي هڪ اميد سمجهان ٿو ۽ انشاءَ الله هو نئون پاڪستان ٺاهيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان آڏو استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي آهي پر اڃا اهو واضح ناهي ته سندس استعيفِيٰ قبول ڪئي وئي آهي يا نه. سندس جاءِ تي ڊاڪٽر عشرت حسين، عمر ايوب ۽ حفيظ پاشا جا نالا پڻ غور هيٺ آهن. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته مان عمران خان، پنهنجي حلقي جي عوام ۽ سوشل ميڊيا تي متحرڪ نوجوان ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته معيشت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته حڪومت جلد نئون وزير خزانه مقرر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو عمران خان سان گڏ آهي ۽ هو پارٽي نه پيو ڇڏي. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان هن ڪافي بهتر ڊيل ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو