استاد مقرر نه هجڻ ڪري اسڪول کي تالا لڳل، شاگردن جو احتجاج

استاد مقرر نه هجڻ ڪري اسڪول کي تالا لڳل، شاگردن جو احتجاج

اوٻاوڙو (غلام علي رند) گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پير احمد شير ۾  6 مهينن کان استاد نه هجڻ ڪري شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ لڳو، ٻارڙن جو ڊي او ايجوڪيشن خلاف احتجاج، ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر جي کليل ڪچھري ۾ ٿيل آرڊر باوجود به استاد مقرر نه هجڻ ڪري اسڪول بند پيل آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جي اسڪول کي سياسي طور نظر انداز ڪيو ويو آھي ۽ اسڪول ۾ استاد نه هجڻ ڪري معصوم شاگردن جي تعليم تباھ ٿي وئي آھي ۽ اسڪول ۾ شاگرد استادن جو انتظار ڪري مايوس ٿي واپس هليا وڃن ٿا. ڳوٺاڻن پاران وزير اعليٰ سنڌ ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري شاگردن جي مستقبل کي بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو