پشاور )ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته اسان جي نوجوان وڪيلن کي پنهنجن سينئر وڪيلن کان سکڻ گهرجي، پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين چونڊيل ڪابينا کي آئين ۽ قانون موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، ترقياتي منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اسان ۽ وفاقي حڪومت ان لاءِ ڪم ڪنداسين.










