اربين روپين جي بجيٽ باوجود سنڌ ۾ ڪم نٿا ٿين، لاکاڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سربراهه بيت المال سنڌ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته سنڌ جي راڄڌاني شهر جا روڊ رستا تباهه بڻيل آهي. منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻو پوي ٿو. صوبائي حڪومت سياسي بيان بازي کان ٻاهر نڪري عملي ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته شهر اندر ڪٿي به وڃڻ ٿئي ٿو ته عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏين ٿا. شهر اندر جڳهه جڳهه ڪچري جو مسئلو عام بڻيل آهي ۽ روڊ رستا تباهه بڻيل آهن. پيپلزپارٽي وٽ مسلسل ٽيون ڀيرو حڪومت آهي اربين رپين جي بجٽ ڪيڏانهن پئي وڃي ڪو پڇڻ وارو ناهي. هن چيو ته هن ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ روڊ تباهه بڻيل آهن روڊن تي وڏا کڏا هجڻ ڪري حادثا معاملو بڻيل آهن جنهن سبب عوام کي جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي. روڊ رستا خراب هجڻ سبب شهري کي ڊيوٽي تي ويندي تمام گھڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ اندر طئي ڪرڻ تي عوام گهڻو پريشان آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي ترقي لاءِ سنجيده ناهي. ڪراچي سنڌ جو راڄڌاني شهر ۽ ملڪ جو معاشي حب. هن چيو ته ڪراچي جي انهن علائقن جي روڊن رستن جي مرمت ڪئي وڃي ٿي جتي سنڌ حڪومت جا وزير مشير رهن ٿا. هي مسئلو نه رڳو ڪراچي شهر جو آهي پر سموري سنڌ ۾ ساڳئي صورتحال بڻيل آهي. ماڻهو جا پيارا روڊ خراب هئڻ سبب اسپتالن ڏانهن ويندي دم ڏئي ٿا ڇڏين. حنيد لاکاڻي چيو ته پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کي پٺ تي پيل آهي. وفاقي حڪومت طرفان ايم اين ايز کي مليل فنڊ مان ڪراچي جي پٺ تي پيل علائقن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي به ٿيندو رهندو. اربين رپين جا ٽينڊر وزيراعليٰ سميت وزيرن جي خاص ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا جيڪي ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو ته عوام کي نقصان پهچائيندڙ ٺڪيدارن کان به پڇاڻو ڪيو وڃي ته هو ناقص مٽيريل ڪيئن استعمال ڪري رهيا آهن. عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽٽل روڊن کي صحيح ڪري عوام لاءِ آساني پيدا ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو