اداڪار عمران هاشمي شادي جي آڇ ڪئي هئي؛ ميرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نامور ادڪاره ميرا ڪنهن نه ڪنهن جهيڙي ۽ حيرن ڪندڙ بيانن ڪري خبرن ۾ رهندي آهي ۽ هاڻي اداڪاره پنهنجي ذاتي زندگي جي حوالي سان نئون انڪشاف ڪيو آهي. اداڪاره هڪ پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو ته بالي ووڊ بولڊ اداڪار عمران هاشمي ان کي شادي جي آڇ ڪئي هئي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ميرا عمران هاشمي جي ان آڇ کي ٺڪرائي به ڇڏيو. انٽرويو دوران ميزبان ميرا کان سوال ڪيو ته هڪ وقت ۾ اهو خبرون وائرل ٿيون هيون ته هو بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي ان کي شادي جي آڇ ڪئي هئي ۽ ميرا ان اڦواهن جي تصديق ڪئي ۽ اهو به ٻڌايو ته ان جو خاندان ان رشتي کان لاءِ راضي ناهي. اداڪاره اهو به انڪشاف ڪيو ته بالي ووڊ هدايتڪار مهيش ڀٽ ميرا کي ڀارتي اداڪار اشميت پٽيل سان شادي جو مشورو به ڏنو پر اداڪاره ان سان به شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن جي وجهه صرف هندو ۽ مسلمان هئي. خيال رهي ته پاڪستاني اداڪاره وينا ملڪ به اشميت پٽيل سان تعلق ۾ رهي چڪي آهي. انٽرويو دوران ميرا پنهنجي شادي جي سوال تي خاموشي اختيار ڪندي واضح ڪيو ته هو پنهنجي ذاتي زندگي جي حوالي سان ڪنهن قسم جو بيان نه ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو