اداڪاري کانپوءِ سهانا خان گلوڪاري شروع ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان به اداڪاري کانپوءِ ڳائڻ جي ميدان ۾ به قدم رکيو آهي. سهانا خان پنهنجي اداڪاري جي شروعات مشهور ڀارتي هدايتڪار زويا اختر جي فلم ”دي آرچيز“ سان ڪئي آهي جيڪا ايندڙ مهيني رليز ٿيندي. تازو ئي فلم ”دي آرچيز“ جي رليز ٿيڻ کان اڳ فلم جي پروڊڪشن ٽيم هڪ ميوزڪ البم لانچ ڪيو آهي جنهن ۾ سهانا خان جو هڪ گانو پڻ شامل آهي. سهانا خان ان حوالي سان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ به شيئر ڪئي آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته زويا اختر ۽ شنڪر مهاديون جي مهرباني جو منهنجي پهرين گيت لاءِ مون سان ايترو صبر ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو