اداڪارا ارمينا خان جي ڌيءَ جي پيدائش، نالي ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني فلم بن روئي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ارمينا خان ڌيءَ کي جنم ڏنو آهي.اداڪارا گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي پنهنجي ڌيءَ جي اچڻ جي خبر مداحن کي ڏني هئي، هن پنهنجي گود ۾ موجود نينگري جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته هن ننڍڙي ڇوڪري جو نالو احمد علي رضا خان رکيو آهي.ارمينا خان پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ تي ڌيءُ جي پيدائش تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته اها خوشخبري شيئر ڪندي اسان جون دليون خوشي سان ڀرجي ويون آهن.جڏهن ته سوشل ميڊيا صارفين کي اداڪارا جي ڌيءَ جي منفرد نالي بابت تجسس پيدا ٿيو جڏهن ته سندس مڙس پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ڌيءَ جي نالي جي مڪمل معنيٰ ٻڌائي ڇڏي.فيصل خان جي مطابق، احملي جو مطلب آهي ‘محنت ڪندڙ ۽ صبر ڪندڙ’، جڏهن ته عائلا جو مطلب آهي ‘خدا ڏانهن وقف’ ۽ عبراني ۾ ‘روشني جو دائرو’. واضح رهي ته ارمينا خان 2020 ۾ فيصل خان سان شادي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو