اداڪارائن پاران سياستدان جانور ۽ جوڪر قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مريم نفيس چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ سياتدانن جي روي سبب هوءَ مايوس ٿي آهي جنهن نموني هڪٻئي تي بجيت جا ڪتاب اڇلايا ويا، گاريون ڏنيون ويون اهو رويو جانورن وارو هو. سوشل ميڊيا تي هن چيو ته هي ته جانورن ۽ جوڪرن کان به بدتر آهن.هن چيو ته سياستدان قائداعظم جي ڏنل ملڪ کي تباهه پيا ڪن. ٻئي پاسي اريبا حبيب چيو آهي ته سياستدانن کي تهذيب سيکارڻ لاءِ اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ گهرجي، هن چيو ته جنهن طريقي سان هڪ ٻئي کي گاريون ڏنيون پيون وڃن، ايئن ته پرائمري اسڪول جا ٻار به ناهن ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو