ادارن مٿان الزام لڳائڻ مغربي ميڊيا جو فيشن آهي،فواد

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)اهو پاڪستان جي نظام جو لازمي جُز آهي ۽ اسان اُنهن جِي راءِ جِي تمام گهڻي عزت ڪندا آهيون، برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته ملڪي مامرن تي فيصلن جو اختيار وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا وٽ آهي، فيصلا وفاقي ڪابينا ئي ڪندي آهي، ووٽرز عمران خان ۽ پي ٽي آءِ مان مطمئن آهن، پڪ اٿئون ته ايندڙ چونڊن ۾ به عمران خان ئي اڪثريت سان ووٽ کڻي وزيراعظم ٿيندو، فواد چوڌري چيو آهي ته اڪثر لاپتا ماڻهو رضاڪاراڻي نموني افعانستان هليا ويندا آهن، اُهي لاپتا ٿي وڃن ته الزام پاڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسيز تي لڳايو ويندو آهي، اولهه جي ميڊيا ۾ پاڪستاني ادارن مٿان الزام لڳائڻ فيشن بڻجي ويو آهي، دُنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد آهي، ٻئي طرف هڪ بيان ۾ سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف اپوزيشن کي متحد ڪرڻ کان اڳ نواز ليگ کي متحد ڪرڻ تي ڌيان ڏئي، سندن ٻيڙي ڌُٻڻ ۾ آهي، اُن مان نڪري به ويا ته فضل الرحمان جو ڪلهو هر ڏڦيڙ لاءِ حاضر آهي، اپوزيشن سنجيده هجي ته چونڊ سڌارن لاءِ پي ڊي ايم جهڙي چُون چُون جَي مُربَي بدران پارلياماني ليڊرز ڳالهيون ڪن..

پهنجو تبصرو موڪليو