احساس پروگرام سان غريب کي رليف مليو آهي،عمران خان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪامياب احساس پروگرام سان غريب طبقي کي وڏو رليف مليو آهي. هن پروگرام جي ڪاميابي جو سبب شفافيت آهي.وزيراعظم عمران خان احساس سيونگ والٽس پروگرام تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سموري دنيا ۾ وڏو حصو غربت واري زندگي گذاري رهيو آهي. ڪورونا دوران احساس پروگرام دنيا جو چوٿون ڪامياب پروگرام سمجهيو ويو. هن چيو ته احساس پروگرام جي ٽيم کي بهترين ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ڪورونا سبب غريب ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا. جڏهن ته لاڪ ڊائون سان ڏهاڙيدار  ۽ مزدور طبقو وڌيڪ متاثر ٿيو.وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام جي تحت مستحق  طبقي جي مدد ڪئي وئي ۽ اسان جي 25 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير هيٺيان آهي. هن چيو ته عورتن کي فنانشل سسٽم ۾ آڻڻ سان غربت تيزي سان گهٽ ٿي ۽ جيڪڏهن اسان احساس پروگرام تيزي سان نه هلايون ها ته ڪمزور طبقي کي وڌيڪ نقصان ٿئي ها.عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪمزور طبقي کي نظر انداز ڪندڙ ملڪ ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي. چين جي ترقي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته چيني قوم تيزي سان اڳيان وڌي رهي آهي. لڳي رهيو آهي ته هي سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏيندا. چين 30 سالن  دوران 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو.

پهنجو تبصرو موڪليو