سکر (بيورو رپورٽ) ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر سکر ۾ ڪئنالن جي ڪناري حددخليون هٽائڻ خلاف آپريشن جاري رکڻ جو واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته آپريشن سبب بي گهر ٿيندڙن کي متبادل پلاٽ ڏيڻ لاءِ الاٽمينٽ ڪميٽي کي فعال ڪيو ويندو ۽ ري سيٽلمينٽ ڪميٽي کي فعال بڻائيندي هفتيوار گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي. هن اهڙيون هدايتون پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ آپريشن ۽ متاثرن جي بحالي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون، جنهن ۾ ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ضلع چيئرمين سکر تقي ڌاريجو، ايڊيشنل ڪمشنر ون اختر حسين قريشي، ڊي سي سکر غلام مرتضيٰ شيخ، ايس اِي ايريگيشن ۽ ايڪسيئين سکر بيراج سميت ٽائون پلاننگ سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ڊي سي سکر ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪئنال متاثرن جي سروي بعد ٺاهيل لسٽ جي ٻيهر تصديق جلد مڪمل ڪئي وڃي ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بي گهر ٿيندڙن جي بحالي ۽ کين پلاٽ فراهم ڪرڻ لاءِ الاٽمينٽ ڪميٽي کي فعال بڻايو وڃي ۽ چيئرمين سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هن ڪميٽي جو ڪردار تمام اهم آهي. هن اهو به چيو ته ري سيٽلمينٽ ڪميٽي کي فعال بڻايو وڃي ۽ هفتيوار گڏجاڻي ڪئي ويندي ته جيئن جلد کان جلد ڪئنال متاثرن کي بحال ڪري ٻيهر آباد ڪيو وڃي ۽ کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ڪمشنر سکر ڊويزن هدايت ڪئي ته سروي سپرينٽنڊنٽ کي خط لکيو وڃي ته ڪُنڍي فارم جي علائقي ۾ ڪئنالن جي متاثرن لاءِ وقف ڪيل 200 ايڪڙ زمين جي هڪ هفتي اندر بلاڪ سروي ڪري بائونڊري مارڪنگ ڪئي وڃي ۽ ڊي مارڪيشن ڪندي پلاٽن جي نقشن سان نشاندهي ڪئي وڃي. ڪمشنر سکر ڊويزن ٽائون پلاننگ کاتي جي آفيسر کي هدايت ڪئي ته ڪئنال متاثرن جي بحالي لاءِ وقف ڪيل 200 ايڪڙ زمين جي ٽائون پلاننگ ڪندي لي آئوٽ ۽ ماسٽر پلان جوڙيو وڃي جنهن ۾ شهرين مسجد، اسڪول، اسپتال، پارڪ، واٽرسپلاءِ، ڊرينيج ۽ ٻين سهولتن جو ڀرپور خيال رکيو وڃي. ڪمشنر سکر ان موقعي تي ڊي سي سکر کي هدايت ڪئي ته ڪئنالن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن هر حالت ۾ جاري رهندو، ان سلسلي ۾ سڪيورٽي جو مڪمل بندوبست ڪيو وڃي، جڏهن ته حقيقي متاثرن کي يقين دهاني ڪرائي وڃي ته کين متبادل پلاٽ شفاف نموني الاٽ ڪيا ويندا. اِن کان اڳ ميئر سکر چيو ته ڪئنالن تي متاثر ٿيندڙن جي سروي آبپاشي ۽ روينيو کاتي پاران گڏيل طور ڪيل آهي سندن بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ لازمي آهي ۽ الاٽمينٽ ڪميٽي کي فعال بڻايو وڃي. آبپاشي کاتي جي انجنيئرن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آپريشن جون تياريون مڪمل آهن ۽ عدالتي حڪمن تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرايو ويندو.
سينيئر ڪمانڊر شهيد 8 ڪسٽم اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات
وردي پائڻ تي مريم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست،رپورٽ طلب
مريم نواز تي پوليس يونيفارم پائڻ تي ڪيس ٿيڻ گهرجي: سيف
نواز پاران پارٽي کي عوامي سطح تي ٻيهر فعال ڪرڻ جي هدايت
پاڪستان هڪ اهم ساٿي آهي، آمريڪا
اهم رانديگر جي نه کيڏڻ سان فرق پوندو آهي، فخر زمان
جنسي زيادتي جو جرم، فلم پروڊيوسر هاروي وائنسٽن جي سزا رد
واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت ختم
نوجوانو! سنڌ توهان جي منتظر آهي!!
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26
اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي
ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي
نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو
نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي
منهنجي دور ۾ عدليا ۾ مداخلت جي هڪ به شڪايت ناهي ملي
عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم
حق نه مليو ته اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: گنڊاپور
سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي
سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جو مقرريون بدليون، نوٽيفڪيشن جاري