آپريشن بابت وڏي وزير ۽ پوليس آفيسرن جي ملاقات

سکر(ن سنڌيار) شڪارپور ڪچي ۾ چوٿين ڏينهن به ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، آپريشن جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اعليٰ پوليس آفيسرن جي وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي آهي، جنهن موجب وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي پوليس آفيسرن چيو ته ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن لاءِ پاڪ فوج يا رينجرز جي ضرورت نه آهي، سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي خاتمي جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. پوليس ذريعن موجب ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ڪچي ۾ آپريشن لاءِ فائيٽنگ اي پي سي (ٽينڪ) ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ذريعن موجب ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي مطالبي تي اڄ رات تائين ٽينڪ آپريشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ شڪارپور ڪچي پهچي ويندي، پوليس آفيسرن وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ 40 کان 50 ڌاڙيل آهن، جن وٽ جديد هٿيار آهن پر فائيٽنگ اي پي سي (ٽينڪ) جي مدد سان آپريشن ڪامياب ٿي سگهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو